SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اقتصادي بندشون


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


اقتصادي بندشون

Economic Sanctions

ايڪنامڪ سينڪشنس

هن قسم جون بندشون معاشي طور ڪنهن به مضبوط رياست جو اُهو اهم حربو آهن، جنهن کي (پنهنجا ڪجهه مقصد ماڻڻ لاءِ) ڪابه رياست مخالف رياست يا گروهه خلاف استعمال ڪري سگهجي. پابنديون مڙهيندڙ ڪجهه ٽارگيٽ (Targets) مقرر ڪن ٿا، جن جي حصول تائين پابنديون لڳايون وڃن ٿيون. اصولي طرح پابنديون منفي ۽ ناڪاري ٿي سگهن ٿيون، پر عام طرح لفظ ”اقتصادي بندشون“ جو روايتي استعمال هميشھ ناڪاري ٿئي ٿو. واپاري بائيڪاٽ، انتهائي پسنديده ملڪ (MFN) جو درجو واپس وٺڻ، مخالف ملڪ ڏانهن ويندڙ ۽ اتان ايندڙ مال تي محصول وڌائڻ، يا اقتصادي ناڪابندي ڪرڻ هن قسم جي بندشن جا ڪُجهه مُک قدم آهن. اقتصادي پابنديون رياست تي مڪمل طور يا ڪن شعبن تي ڪجهه مخصوص حدف حاصل ڪرڻ جي حوالي سان طئي ڪيل مُدي لاءِ لڳايون وڃن ٿيون. اهي پابنديون هڪ طرفيون (ڪنهن هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ملڪن خلاف) ٿي سگهن ٿيون. ’معاشي بندشن‘ جا گهڻا ڪارڻ سياسي هوندا آهن . اِن ڏس ۾ 1962ع ۾ ڪيوبائي تڪرار يا 1980ع ۾ ايران سان آمريڪي اڻبڻت جي نتيجي ۾ لڳايل پابنديون، توڙي گڏيل قومن طرفان عراق ۽ القائده مٿان مڙهيل پابنديون مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿيون.


Remember Me Also:

امراض

ذ. [ع. مَرضُ جمع اَمرضُ] مَرضَ ، بيماريون ، اگهايُون.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal